سلمان آغا، بابر سان لاڳاپن ۽ کيس انسٽاگرام تي اَن فالو ڪرڻ بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا ساٿي ڪرڪيٽر ۽ اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم سان لاڳاپن ۽ کيس انسٽاگام تي اَن فالو ڪرڻ بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
آچر ڏينهن پاڪستان ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ بنگلاديش کي ستن وڪيٽن تان هارائي ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو.
پاڪستان بنگلاديش جو 197 رنسن جو هدف 18 هين اوور ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، ميچ ۾ محمد حارث 107 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي، جڏهن ته صائم ايوب 45 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.
ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو ته ڏاڍي خوشي آهي نوجوانن پرفارم ڪيو، اسان کي ڏسڻو آهي ته اڳتي ڪهڙي ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي، مدحن کي انٽرٽين ڪرڻو آهي.
ان دوران سلمان علي آغا بابر اعظم سان پنهنجي لاڳاپن ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل افواهن تي به روشني وڌي.
ان ڏس ۾ سندس چوڻ هو ته ” مان بابر اعظم کي ڪڏهن فالو ئي ناهي ڪيو ته اَن فالو ڪيئن ڪندس؟ ماڻهو هر ڀرو ڳالهيون ٺاهيندا رهندا آهن.“
هن وضاحت ڪندي چيو ته بابر منهنجو 2008ع کان اسڪول جو دوست آهي، تڏهن ته سوشل ميڊيا به عام نه هئي، ماڻهو سمجهن ٿا ته مان بابر کي اَن فالو ڪري ڇڏيو، اهڙي ڪائي ڳالهه نه آهي، مون ميچ کان اڳ بابر سان رابطو ڪيو هو، ماڻهو اهڙيون ڪهاڻيون گهڙي رهيا آهن جن کي ڏسي رڳو کلندا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.