لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان چوٿون ڀيرو پولي گرافڪ ٽيسٽ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
لاهور پوليس جي جاچ ٽيم ڊي ايس پي آصف جاويد جي سربراهي ۾ اڊيالا جيل پهتي، جنهن ۾ انسپيڪٽر محمد تصدق، انسپيڪٽر سليم، انسپيڪٽر نويد ۽ پنجاب فرانزڪ يونٽ جو عابد ايوب شامل هئا.
جاچ ٽيم عمران خان جي 9 مئي ڪيسن ۾ پولي گراف ٽيسٽ ڪرڻ آئي هئي پر پي ٽي آءِ باني چوٿون ڀيرو ٽيسٽ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ٽيم واپس رواني ٿي وئي.
You might also like