مورو واقعي خلاف دادو ۾ جسقم جو مظاهرو،ڌرڻو

دادو (رپورٽ: غوث جھتيال) دادو ۾ جسقم جي سڏ تي مورو ۾ بجراڻي لغاري جي ٻن پرامن قومي ڪارڪنن جي شھادت تي احتجاج ڪيو ويو مظاھرين دادو -مورو روڊ تي دوداڻي جمالي پل وٽ روڊ تي ڌرڻوھنيو ويو جسقم ضلع دادو جي اڳواڻن منصور جمالي .اياز جمالي. ڪامريڊ نياز پنھور وڪيل باسط علي شاھ، درياھ خان پنهور، فرحان رانجھاڻي، شان مري، علي چارڻ .صفدر تنيو. سالار سولنگي دريا خان پنھورَ نظام انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دادو مورو روڊ تي احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو.جسقم اڳواڻن جو چوڻ ھو ته سنڌو درياھ مان وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي حمايت سان ڏاڍ جي زور تي غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي مختلف غير ملڪي خانگي ڪمپني جي حوالي ڪرڻ واري عمل خلاف آھيون۽ سخت مزاحمت ڪندا رھنداسين اڳواڻن پاران دادو شھر جي مورو لنڪ روڊ تي دوداڻي موري تي نٽھڻ اس ۾ لڳل ڌرڻي سبب روڊ تان گذرندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ڊي ايس پي سٽي دادو سلطان احمد چانڊيو. ايس ايڇ او خداآباد منظور مستوئي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون.اڳواڻن چيو ته  زاھد لغاري ۽ عرفان لغاري شھيد ٿي ويا جنھن واقعي تي سڄي سنڌ سوڳوار آھي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.