لاهور (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش کي ويجهو آڻڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي پاران پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو.
ان موقعي تي محسن نقوي، صدر آصف علي زرداري سان رانديگرن جو تعارف ڪرايو.
صدر آصف علي زرداري چيو ته تازي سيريز ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي سٺي رهي، جڏهن ته بنگلاديش جي ٽيم به اعليٰ معيار جي راند پيش ڪري رهي آهي.
هن تاريخي حوالو ڏيندي چيو ته مان انهيءَ نسل مان آهيان، جنهن ٻنهي ملڪن کي الڳ ٿيندي ڏٺو، جڏهن ته اڄ جو نسل ان جدائي جي تڪليف کي سمجهي نٿي سگهي، هاڻ اسان کي ان ڏک جو ازالو ڪرڻو آهي، بنگالي قوم هن خطي جي امير ترين قومن مان هڪ هئي.
صدر چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش کي ويجهو آڻڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ٻنهي ملڪن جي عوام جي ڀلائي لاءِ گڏيل قدم کڻڻا پوندا ته جيئن خوشحالي آڻي سگهجي.
سندس چوڻ هو ته بنگلاديش کي اڄ دنيا هڪ ڪامياب ملڪ طور سڃاڻي ٿي، الله پاڪ پاڪستان ۽ بنگلاديش کي وسيلن سان نوازيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سهڪار جا وڏا موقعا موجود آهن.
آصف علي زرداري چيو ته ٻنهي ملڪن جي نوجوان نسل کي گڏيل رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ راند اهڙن رابطن جو هڪ اهم ذريعو آهي.
You might also like