هاڻي توهان فون نمبر کانسواءِ به واٽس ايپ اڪائونٽ ٺاهي سگهو ٿا

واٽس ايپ واهپيدارن جي رازداري کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ لاءِ هڪ نئون ۽هم فيچر متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪري رهيو آهي، جنهن تحت واهپيدارن پنهنجي مرضيءَ جو”يُوزر نيم“ٺاهي سگھندا.
رپورٽن موجب، واٽس ايپ جي هن نئين فيچر ذريعي واهپيدار پنهنجو فون نمبر ظاهر ڪرڻ بنا ٻين ماڻهن سان رابطي ۾ اچي سگهندا، هي فيچر خاص طور تي اهڙن صارفين لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو جيڪي اوپرن ماڻهن يا ڪاروباري ادارن سان رابطي ۾ رهندا آهن.
ان فيچر جي ذريعي هر واهپيدار کي اکرن ۽ انگن تي ٻڌل هڪ منفرد يُوزر نيم ٺاهڻ جو آپشن ڏنو ويندو، جنهن سان رابطي جو عمل نمبر کانسواءِ به ممڪن بڻجي ويندو.
يُوزر نيم ذريعي نه رڳو ٻين ماڻهن سان رابطو قائم ڪري سگهجي ٿو، پر واهپيدارن کي فون نمبر ظاهر ڪرڻ جي به ضرورت نه پوندي، جنهن سان سندن ذاتي معلومات پڻ محفوظ رهندي.
اِهو فيچر في الحال عام واهپيدارن لاءِ موجود نه آهي، پر اميد ڪئي پئي وڃي ته تمام جلد واٽس ايپ جي موبائل ايپليڪيشن تي به متعارف ڪرايو ويندو.
ماهرن طرفان واٽس ايپ جي نئين فيچر کي واهپيدارن جي پرائيويسي جي تحفظ بابت ڪمپني طرفان کنيل هاڪاري وک قرار ڏنو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.