لاهور (ويب ڊيسڪ) ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ڌيءُ ڊاڪٽر دينا خان چيو آهي ته سندس پيءُ پاڪستان لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهيو پر کيس اهو سڀ ڪرڻ نه ڏنو ويو.
لاهور ۾ يوم تڪبير جي موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرز پاڪستان ۾ تقريب دوران محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو.
ان موقعي تي سندس ڌيءُ ڊاڪٽر دينا خان گفتگو ڪندي چيو ته اڄ اسان جي آزادي ڊاڪٽر عبدالقدير خان ۽ سندس ٽيم جي ڪري آهي، ڊاڪٽر عبدالقدير خان سان گڏ ڪم ڪندڙن کيس وقت جو ولي قرار ڏنو هو.
سندس موجب پيءُ جي ساٿين جو چوڻ هو ته کيس پنهنجي زندگي سان نه پر انسانيت ۽ ملڪ سان پيار هو.
You might also like