ڀارت کي سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي کان روڪڻ لاءِ بندوبست ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم

لاچين (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت پهلگام حملي بابت پاڪستان جي جاچ جي آڇ کي رد ڪري ڪو به معتبر ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙيءَ جي روڪٿام لاءِ بندوبست ڪيو پيو وڃي.
آذربائيجان جي شهر لاچين ۾ پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جي ٽن ڌرين واري اجلاس دوران خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان امن جا خواهشمند آهيون پر ان لاءِ ضروري آهي ته اهم ۽ فوري نوعيت جا مسئلا، خاص طور تي ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ڪيو وڃي.
هن آذربائيجان جي آزادي جي ڏينهن تي صدر الھام عليوف ۽ آذري عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته آذربائيجان وڙهي آزادي حاصل ڪري دنيا جي قومن ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪيو آهي.
وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردگان کي به ڪردستان ورڪرز پارٽي جو مسئلو حل ڪرڻ تي واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته اهو سندس سياسي بصيرت جو نتيجو آهي.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان وچ ۾ گڏيل مذهبي، تهذيبي ۽ تاريخي رشتا آهن، جيڪي ٽنهي ملڪن کي هڪ ٻئي جي ڀرپور حمايت ڪرڻ لاءِ ويجهو آڻين ٿا، اميد ته هي اتحاد وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندو.
وزيراعظم ڀارت سان تازي ڇڪتاڻ دوران پاڪستان جي حمايت تي ترڪيه ۽ آذربائيجان جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن ڪنهن به هٻڪ بنا پاڪستان سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو.
شهباز شريف واضح ڪيو ته سنڌ طاس معاهدي کي ڀارت هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪو پاڪستان جي 24 ڪروڙ ماڻهن جي حياتيءَ سان تعلق رکي ٿو پر پاڪستان انهيءَ معاهدي جي ڀڃڪڙي روڪڻ لاءِ پرعزم آهي.
وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ڀارت خلوص سان اڳتي وڌڻ چاهي ٿو ته پاڪستان واپار سميت سڀني معاملن تي ڳالهين لاءِ تيار آهي پر اها ڳالهه صرف تڏھن ممڪن ٿيندي جڏهن ڀارت عملي سنجيدگي ڏيکاري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.