ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گهرو اڻبڻت تان ڀاڻيجي فائرنگ ڪري مامي کي قتل ڪري ڇڏيو.
بلديا جي يوسف ڳوٺ ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ 45 ورهين جي خليل الرحمان طور ٿي.
پوليس موجب خليل الرحمان کي گهرو اڻبڻت تان سندس ڀاڻيجي فائرنگ ڪري قتل ڪيو.