جيڪو پيرن کي زورَ ڏيندو ان سان شادي ڪنديس: سحر هاشمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڀرندڙ اداڪارا سحر هاشمي چيو آهي ته جيڪو مرد منهنجي پيرن کي زور ڏيندو، پنهنجي هٿن سان ماني کارائيندو ۽ سٺي چانهه پچائي سگهندو، ان سان شادي ڪنديس.
هڪ انٽرويو ۾ سحر هاشمي انهن خوبين بابت کليل نموني ڳالهايو، جيڪي پنهنجي مڙس ۾ ڏسڻ چاهي ٿي.
کانئس سوال ڪيو ويو ته هوءَ پنهنجي مڙس ۾ ڪهڙيون خوبيون ڏسڻ چاهي ٿي؟ جنهن تي اداڪارا چيو ته مان اهڙي شخص سان شاد ڪنديس، جيڪو پنهنجي پيرن کي زور ڏئي ۽ پنهنجي هٿن سان ماني کارائي.
هن وڌيڪ چيو ته منهنجي شريڪ حيات کي سٺي چانهه پچائڻ به ايندي هئي ۽ هو پرسڪون هجي، ڇو ته مان جذباتي ڇوڪري آهيان.
سحر هاشمي وضاحت ڪندي چيو ته جڏهن مون کي ڪاوڙ ايندي آهي ته جذباتي ٿي ويندي آهي، تنهن ڪري مڙس پرسڪون هجي ۽ ذهين به ته جيئن منهنجون پريشانيون ختم ڪري سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.