پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ بابت آءِ ايم ايف جو بيان سامهون اچي ويو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته اميد آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ جو پرامن حل نڪري ايندو.
آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن، جولي ڪوزيڪ واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان قرض پروگرام تحت طئه ڪيل سڀئي معاشي هدف حاصل ڪري ورتا آهن ۽ انهيءَ ڪارڪردگي جي بنياد تي پاڪستان کي قسط جاري ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي پيش نه آئي.
هن وڌيڪ واضح ڪيو ته آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽيو بورڊ پاران پاڪستان لاءِ قسط جاري ڪرڻ جو فيصلو ميرٽ ۽ گڏيل رضامندي جي بنياد تي ڪيو ويو.
هن چيو ته قرض پروگرام جو مقصد پاڪستان لاءِ رڳو مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا بهتر بڻائڻ لاءِ آهي بجيٽ سپورٽ لاءِ نه. پروگرام جي شرطن ۾ واضح آهي ته پاڪستاني حڪومت اسٽيٽ بئنڪ کان قرض نٿي وٺي سگهي.
جولي ڪوزيڪ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته انساني جانين جو زيان افسوسناڪ آهي، پر اميد آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين ذريعي مسئلو حل ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.