پاڪستان جي دفاعي بجيٽ ۾ پنجويهه سيڪڙو واڌ جو امڪان

اسلام آباد(اسد طور) عمران خان پاران جنرل عاصم منير کي بادشاهه بڻجڻ جي ٽوڪ واري بيان تي  انصار عباسي ھڪ اسٽوري  ڪئي آھي ۽ لکيو آھي تھ ان بيان تي پي ٽي آئي اڳواڻ ڪافي رنجيدھ ٿيا آھن. ھو بار بار يو ٽرن ٿو وٺي ھفتو اڳو ھن چيو تھ شھباز سرڪار سان ڳالھيون ڪريو.وري ڪلھھ چيائين تھ توھان ڳالھھ سمجھي ناھي صرف فوج سان ڳالھيون ڪريو.سو پارٽي ۽ عمران خان ٻن الڳ الڳ رخن تي بيٺل آھن.بيرسٽر گوھر آرمي چيف کي مبارڪون ڏئي پيو تھ ٻئي پاسي عمران تنقيد ڪري رهيوآھي. سو پي ٽي آئي اڳواڻ ھن وقت پريشان آھن تھ آخر ڇا ڪن. ھنن جي بقول عمران چپ ڪندو تڏھن ئي اسٽبلشمنٽ سان ڳالھيون ٿي سگھنديون. ٻئي پاسي دفاعي بجيٽ کي پنجويھھ سيڪڙو و وڌائڻ جون ڳالھيون ٿي رھيون آھن. سو اھو ڊڪليئرڊ بجيٽ 2600 کان 2700 ارب روپين تائين پھچي ويندو ايٽمي ميزائل ٽيڪنالاجي واسطي بجيٽ اڃان الڳ رکيل ھوندوآھي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، جمعو 23 مئي 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.