فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کان لاهور ويندڙ شاليمار ايڪسپريس ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جون ڪيتريون ئي بوگيون ڊي ريل ٿي ويون.
پنجاب جي شهر فيصل آباد ۾ دارالاحسان ڀرسان شاليمار ايڪسپريس رات دير سان ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، ريلوي اختيارين موجب انجڻ سميت ٽرين جون 4 بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون.
اختيارين ٻڌايو ته ٽرالر ڦاٽڪ تي ڦاسي پيو هو ته ڪراچي کان لاهور ويندڙ ٽرين پهچي وئي، حادثي ۾ 5 مسافر زخمي ٿي پيا.
You might also like