بنگلاديش جو پاڪستان خلاف رٿيل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي نئين شيڊيول تي به اعتراض

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) پاڪستان سان رٿيل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي نئين شيڊول تي به اعتراض واري ڇڏيا.
ذريعن موجب، بنگلاديشي بورڊ پنهنجي رانديگرن کي ڪنڊيشن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ مناسب تياري جو وقت ڏيڻ لاءِ شيڊيول ڪجهه اڳتي وڌائڻ جي درخواست ڪئي آهي.
گذريل ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاران ٽي ٽي ٽوئنٽي ميچن لاءِ 27، 29 ۽ پهرين جون جون تاريخون تجويز ڪيون ويون هيون، پر هاڻ نئين تجويز موجب ميچون 28، 30 مئي ۽ پهرين جون تي لاھور ۾ ئي ڪرائڻ جو امڪان آهي.
پي سي بي طرفان بنگلاديش جي دوري بابت حتمي فيصلو اڄ منجھند تائين اجلاس ۾ ڪيو ويندو، جنهن ۾ اهو طئي ٿيندو ته پراڻي شيڊيول تي تحت ميچون کيڏڻيون آهن يا نئين تجويز کي قبولڻو آهي.
واضح رهي ته ڀارتي پروپئگينڊا سبب بنگلاديش ٽيم جي ڪجهه رانديگرن پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن کانپوءِ صورتحال ۾ تبديلي آئي.
ان کانپوءِ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي خاص دوري تي دبئي پهتو، جتي هن بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين ۽ صدر سان ملاقاتون ڪري کيس دورو يقيني بڻائڻ لاءِ قائل ڪيو.
نئين شيڊيول موجب، پنجن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ٽن ٽي ٽوئنٽي تائين محدود ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فيصل آباد ۾ رٿيل ميچون ختم ڪيون ويون آهن، هاڻي ٽئي مقابلا لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.