نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار چيو آهي ته ڀارت خطرناڪ سامونڊي تيارين ۾ مصروف آهي، جنهن سان علائقي جي امن ۽ استحڪام کي سنجيده خطرا آهن.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ عالمي سامونڊي سلامتي بابت مباحثي دوران خيالن جو اظهار ڪندي پاڪستاني نمائندي چيو ته وڏي طاقتن مان هڪ لامحدود علائقائي بالادستي جا خواب ڏسي رهي آهي، جيڪا اهم آبي رستن تي مڪمل قبضي جي ڪوششن ۾ مصروف آهي.
عاصم افتخار خبردار ڪيو ته ڀارت نه رڳو پنهنجي ارادن کي اڳتي وڌائي رهيو آهي پر هو پنهنجن پاڙيسري ملڪن کي ڄاڻي واڻي سامونڊي سلامتي جي علائقائي ڍانچن مان خارج ڪري رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڀارت درياهن تي قبضي ۽ انهن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي روش به اختيار ڪري رهيو آهي، جيڪا عالمي معاهدن جي کليل ڀڃڪڙي آهي ۽ علائقائي آبي سهڪار جي اصولن جي ابتڙ آهي.
پاڪستاني نمائندي عالمي برادري تي زور ڏنو ته ڀارت جي غير ذميواراڻي رويي جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ علائقي ۾ امن، استحڪام ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي.
Prev Post
You might also like