اينٽي نارڪوٽڪس فورس جو انسپيڪٽر اغوا

اتر وزيرستان (ويب ڊيسڪ) مير علي سب ڊويزن ۾ اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي انسپيڪٽر کي اغوا ڪيو ويو.
اتر وزيرستان جي علائقي مير علي سب ڊويزن ۾ اينٽي نارڪوٽڪس جي انسپڪيٽر کي اغوا ڪيو ويو.
پوليس موجب انسپيڪٽر محمد حنيف کي ڊيوٽي دوران اڻڄاتل ماڻهو اغوا ڪري ويا، هو پاڪ – افغان سرحد غلام خان تعلقي ۾ زيرو پوائنٽ تي ڊيوٽي انجام ڏئي رهيو هو.
پوليس ٻڌايو ته محمد حنيف بنون رستي ميران شاهه غلام خان وڃي رهيو هو ته رستي ۾ کيس اغوا ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.