نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي شهر ڀوپال ۾ هڪ 23 ورهين جي عورت کي 7 مهينن دوران 25 مردن سان شاديون ڪري کين لٽي فرار ٿيڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب پوليس ٻڌايو ته انوراڌا پاسوان مختلف رياستن ۾ شاديون ڪيون ۽ هر شادي بعد قيمتي شين سميت فرار ٿي وئي.
پوليس موجب اهو راز ان وقت فاش ٿيو جڏهن سوئي ماڌوپور جي رهواسي وشنو شرما شڪايت داخل ڪرائي ته هڪ ايجنٽ 2 لک رپيا وٺي 20 اپريل تي انوراڌا نالي عورت سان سندس ڪورٽ ميرج ڪرائي پر هوءَ 2 مئي تي سمورو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي وئي.
پوليس موجب عورت شادي لاءِ قانوني دستاويز استعمال ڪيا، ڪجهه ڏينهن مڙس سان گڏ رهي پوءِ رات جو سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيون شيون کڻي فرار ٿي وئي، وشنو شرما سان شادي بعد به عورت ڀوپال ۾ ٻئي شخص سان شادي ڪئي.
پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته انوراڌا اڳ ۾ اتر پرديش جي مهاراج گنج ۾ هڪ اسپتال ۾ ڪم ڪندي هئي، مڙس سان گهريلو تڪرار بعد هوءَ ڀوپال هلي وئي، جتي هوءَ مبينا طور هڪ اهڙي ٽولي ۾ شامل ٿي وئي، جيڪو مقامي ايجنٽن جي معرفت ڪم ڪندو هو، اهي ايجنٽ واٽس ايپ تي ڪنوارن جون تصويرون شيئر ڪري شادي ڪرائيندا هئا ۽ ڪلائنٽس کان 2 کان 5 لک رپيا وٺندا هئا.
Prev Post
You might also like