معصوم ٻارن جو رت ضايع نه ويندو، دهشتگردن کي چونڊي چونڊي مارينداسين: سرفراز بگٽي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته رياست سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي، هاڻ خاموش تماشائي جو ڪردار نه پر فيصلو ڪرڻو پوندو.
ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته اڄ بزدل دهشتگردن خضدار ۾ اسڪول بس تي ڪار بم سان حملو ڪيو، دشمن شايد جنگ ۾ شڪست جي تڪليف کي وسارڻ لاءِ بلوچستان کي چونڊي سگهي ٿو پر دشمن معصوم ٻارن کي نرم هدف بڻائيندو ان جو اندازو نه هو.
هن چيو ته اسان جي ٻارن جو رت قطعي ضايع نه ٿيندو، خضدار حملي ۾ ملوث دهشتگردن کي چونڊي چونڊي مارينداسين، اسان انهن جي رت جو بدلو وٺنداسين، ٽرين ۽ نوشڪي واقعن ۾ ملوث دهشتگردن کي ماريو ويو آهي، خضدار حملي جي ذميوارن جو به اهو ئي انجام ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته ڀارتي چرچ تي ڪم ڪندڙ بي ايل اي ۽ بي ايل ايف معصوم ٻارن کي نشانو بڻائين پيون، اهي ماڻهو ڀارت کان پئسا وٺي معصومن تي حملا ڪن ٿا.
سرفراز بگٽي چيو ته مان افغان عبوري حڪومت کي به ياد ڏياريندو هلان ته توهان جي زمين بار بار اسان جي خلاف استعمال ٿئي پئي، دهشتگرد ڀارت جا اوزار بڻيل آهن، دهشتگردي خلاف جنگ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، دهشتگردي ۽ تشدد کي ڪو ٻيو نالو ڏنو ويندو آهي، ان سوچ مان ٻاهر اچو.
هن چيو ته اسان انهن ماڻهن کي هڪ هڪ ڪري ختم ڪري سگهون ٿا، دهشتگردن وٽ ايتري سگهه ناهي، رياست هر ڪم ڪري سگهي ٿي ۽ هاڻ فيصلو ڪرڻو پوندو، خاموش تماشائي جو ڪردار ادا نه ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.