ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن لاءِ جيڪي مثالي قدم کنيا آھن اُھي پاڪستان سميت سڄي دُنيا لاءِ مثال بڻجي چُڪا آھن، ٻوڏ متاثر لکين خاندانن جي لاءِ 21 لک گھرن جي تعمير جو ھدف ھڪ خواب ھو، جنھن کي سنڌ سرڪار عزم، لڳاتار محنت ۽ عوامي خدمت جي جذبي سان حقيقت جو روپ ڏنو، سنڌ ۾ 8 لک کان وڌيڪ گھر مڪمل طور تي تعمير ٿي چُڪا آھن، ھي ڪارنامو گنيز بوڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ۾ داخل ڪرڻ جھڙو آھي. ھڪ بيان ۾ ھن چيو ته توانائي واري کاتي پاران ھزارين غريب ۽ وچولي طبقي جي خاندانن کي سولر پينل ڏنا پيا وڃن، سنڌ سرڪار پرعزم آھي ته باقي سمورن متاثرن کي به جلد کان جلد گھر ڏنا وڃن.