گهوٽڪي جي اسپتالن ۾ ”دوائن ۽ ماني“ جي نالي ۾ ڪروڙين رپين جو مبينا غبن

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) ضلعي گهوٽڪي جي اسپتالن پاران 30 ڪروڙ خرچ ڪرڻ جو انڪشاف، دوائون خريداري جي مد ۾ 20 ڪروڙ خرچ ڪيا ويا، ڏيڍ ڪروڙ جي مريضن کي ماني کارائي وئي، سهولتون اڻ لڀ، عوامي آواز کي مليل دستاويزن مطابق ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپور ماٿيلو مالي سال 2024-25 دوران 11 مهينن ۾ 8 ڪروڙ 54 لک خرچ ڪري ڇڏيا آهن جنهن تحت 6 ڪروڙ 62 لکن جون دوائون خريد ڪيون ويون، مريضن کي 33 لکن جي ماني کارائي وئي آهي، اهڙي ريت هڪ ڪروڙ جو پئٽرول به جنريٽر ۽ گاڏيون پي ويون آهن. تعلقه اسپتال گهوٽڪي 5 ڪروڙ جون دوائون خريد ڪيون، 37 لکن جي مريضن کي ماني کارائي ڇڏي، مجموعي طور تي 6 ڪروڙ 27 لک روپيا خرچ ڏيکاريا ويا آهن، جڏهن ته ڊي ايڇ او جي انتظام هيٺ هلندڙ ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 35 لک ۽ بلڊ ٽرانسفڪيشن جي مد ۾ 50 لک روپيا خرچ ڪيا ويا آهن، اهِڙي ريت ڊي ايڇ او آفيس پاران الڳ سان 2 ڪروڙ جون دوائون پڻ خريد ڏيکاريون ويون آهن، پئٽرول جي مد به ۾ 50 لک روپيا خرچ ڏيکاريو ويو آهي، مليل تفصيلن موجب تعلقه اسپتال ڏهرڪي 3 ڪروڙ 38 لک ۽ تعلقه اسپتال اوٻاوڙو 3 ڪروڙ 73 لک روپين جون دوائون خريد ڪيون آهن.

بدانتظامي سبب ڪيترائي شعبا غير فعال، اڪثر ڊاڪٽر غائب

ميرپور ماٿيلو: ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپور ماٿيلو صحت کاتي حوالي ٿيڻ بعد مريضن لاءِ بي لاڀ بڻجي وئي، ايم ايس جي بدانتظامي سبب ڪيترائي شعبا غير فعال، غائب ڊاڪٽرن تي بدلي ٻيا ڊاڪٽر نوڪري ڪرڻ لڳا، مليل ڄاڻ موجب ايم ايس سيد سرفراز شاهه جي آشيرواد سان ڊاڪٽر واحد بخش جي جڳهه تي ڊاڪٽر ثاقب، ڊاڪٽر ضمير شاهه جي جڳهه تي به ڊاڪٽر ثاقب، ڊاڪٽر نزاڪت ڪلهوڙو جي جڳهه تي ڊاڪٽر وجي نوڪري ڪن پيا، جڏهن ته ڊاڪٽر واحد بخش ۽ ضمير شاهه سرڪاري اسپتال ۾ نوڪري ڪرڻ بدران نجي ڪلينڪ هلائي رهيا آهن، اهڙي ريت ڪيترائي ملازم مبينا طور ڊيوٽي نه پيا ڪن، جڏهن ته ڊي ايڇ او آفيس جي ڪرتا ڌرتا ڪلارڪ جميل سومرو جي آشيرواڌ سان صحت کاتي جا ڪيترائي ملازم مبينا طور ويزا تي پڻ ويل آهن.

روزانو 2 هزار جي او پي ڊي آهي، مريضن کي ماني ڏيون ٿا: ڊاڪٽر سرفراز

ميرپور ماٿيلو: عوامي آواز پاران رابطو ڪرڻ تي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر سرفراز شاهه ٻڌايو ته ڊي ايڇ ڪيوضلعي جي واحد اسپتال آهي جتي مريضن کي ماني ملي ٿي، روزانو 17 سئو کان 2 هزار جي او پي ڊي ٿي رهي آهي، آپريشن به ٿين پيا جيڪي به شعبا موجود آهن سڀ فعال آهن، 2 سرجن آهن، گائني جو شعبو به آهي، مريضن کي سهولتون ڏيون پيا.

او جي ڊي سي ايل پاران فراهم ڪيل 20 ايمبولينسون ۽ مشينري غير فعال بڻيل

ميرپور ماٿيلو: ماڙي پيٽروليم ڪمپني ۽ او جي ڊي ايل پاران سي ايس آر فنڊ تحت صحت کاتي کي 20 جي لڳ ڀڳ ايمبولينسون ۽ ڪروڙين روپين جي جديد مشينري فراهم ڪئي وئي هئي ان باوجود عام مريضن کي ايمبولينس جي سهولت نه ٿي ملي، جديد مشينري به غير فعال بڻيل آهي.

ڪروڙين روپيا خرچ ٿيڻ باوجود سرڪاري اسٽورن تان دوائون نه ٿيون ملن!

ميرپور ماٿيلو: دوائن تي ڪروڙين روپيا خرچ ٿيڻ باوجود اسپتالن مان دوائون اڻلڀ، ڊاڪٽرن پاران لکيل دوائون سرڪاري اسٽورن تي نه ٿيون ملن، مريض دربدر بڻيل آهن. خبر موجب ضلعي گهوٽڪي جي اسپتالن پاران 20 ڪروڙن جون دوائون خريد ڪرڻ باوجود ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپور ماٿيلو سميت ضلعي جي ڪنهن به اسپتال ۾ گهربل دوائون موجود نه ٿيون هجن، ڊاڪٽر دوا لکي مريضن کي چون ٿا ته دوا ٻاهران ملندئي جنهن سبب ضلعي جا مريض سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ذريعن موجب ڪروڙن جي ڪميشن عيوض غيرمقبول ڪمپنين کان غيرمعياري ۽ عام دوائون خريد ڪيون پيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.