بحث جي ضرورت ئي ناهي، سنڌوءَ جو پاڻي ڪنهن کي نه ڏينداسين: نادر مگسي

نصيرآباد (ويب ڊيسڪ) پ پ ايم پي اي نادر مگسي چيو آهي ته پنجاب ڀلي پنهنجا ڪينال ٺاهي، اسان سنڌو درياهه جو پاڻي نه ڏينداسين.
پنهنجي بيان ۾ نادر مگسي چيو اهو تاثر غلط آهي ته سنڌو درياهه تي ڪينال ٺهي رهي آهن، وڌيڪ بحث ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي، اسان سنڌو درياهه جو پاڻي ڪنهن کي به نه ڏينداسين.
هن چيو ته سنڌ جون زمينون سنڌ واسين جون آهن ۽ انهن کي ئي ملڻ گهرجن، سنڌين کان زمينون ڦرڻ ناجائزي آهي ۽ اسان متاثرن سان گڏ بيهنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.