هوشيار! گرمين ۾ آنا کائڻ سان نقصان ٿيندا يا فائدا؟

گرمين جي موسم ۾ انڊا کائڻ کي گهڻي قدر نقصانڪار سمجهيو ويندو آهي، پر اهڙي ڳالهه مڪمل طور صحيح ناهي.

حقيقت ۾ انڊا هر موسم ۾ فائديمند ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن انهن جو استعمال صحيح مقدار ۾ ۽ مناسب طريقي سان ڪيو وڃي ته.

انڊو جسم کي ضروري پروٽين، وٽامن ۽ منرلز فراهم ڪري ٿو. اهو دل، دماغ ۽ هڏين جي صحت لاءِ پڻ فائديمند آهي. گرمي ۾ جڏهن جسم ٿڪاوٽ جو شڪار ٿيندو آهي، ته انڊو توانائي بحال ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي.

پر ها جيڪڏهن توهان تمام گرمين جي موسم ۾ گهڻا انڊا کائيندئو ته جسم ۾ گرمي يا بدهضمي جو مسئلو ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ گرميءَ ۾ انڊو فرائي ڪرڻ بدران اٻاري کائڻ بهتر آهي ته جيئن چرٻي کان بچي سگهجي. ان سان گڏوگڏ گرمي جي موسم ۾ انڊا جلد خراب ٿي سگهن ٿا، ان ڪري هميشه تازا انڊا استعمال ڪرڻ گهرجن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن توهان روزانو 1 انڊو (خاص طور تي انڊي جو اڇو حصو) استعمال ڪيو ته ڪنهن نقصان جو خدشو ناهي. دل يا ڪوليسٽرول جي مريضن کي ڦڪي زردي محدود مقدار ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.