آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) اپريل مهيني جي بهترين رانديگر جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي طرفان بنگلاديشي آل رائونڊر مهدي حسن کي اپريل مهيني جي ڪارڪردگي جي بنياد تي ”پليئر آف دي منٿ“ قرار ڏنو ويو آهي.
آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته مهدي حسن کي اپريل مهيني جي شاندار ڪارڪردگي جي بنياد تي پليئر آف دي منٿ قرار ڏنو ويو.
ياد رهي ته اعزاز لاءِ زمبابوي جي بليسنگ موزا رباني ۽ نيوزيلينڊ جي بين سئيرز کي پڻ نامزد ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.