لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس عاقب جاويد هڪ اهم پلان پيش ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، هي پلان قومي ڪرڪيٽ ٽيم، شاهينز، ايمرجنگ ۽ ايج گروپس ٽيم لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن کي عاقب جاويد جي منظوري لاءِ پيش ڪيو آهي.
پلان جي تحت بائيوميڪينڪس ليب کي مقامي يونيورسٽي کان نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور منتقل ڪرڻ جو منصوبو آهي ۽ ڪرڪيٽرن کي جديد ازارن ۽ سافٽ ويئرز سان ٽريننگ ڏني ويندي.
ذريعن موجب، فيصل آباد ۽ سيالڪوٽ جي هاءِ پرفارمنس سينٽرز کي به آباد ڪرڻ جو منصوبو آهي، سيالڪوٽ ۾ انڊر 13 ۽ انڊر 15 ايج گروپس جي رانديگرن جا پروگرامز ٿيندا، جڏهن ته فيصل آباد ۾ انڊر 17 ايج گروپ جي رانديگرن لاءِ طويل ٽريننگ پروگرام رٿيا ويا آهن.
ذريعن موجب، ٽيسٽ سيريز جي هينئر کان تياري لاءِ به حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي، ريڊ بال لاءِ ترت هيڊ ڪوچ مقرر ناهي ڪيو ويو جڏهن ته ريڊ بال هيڊ ڪوچ لاءِ مصباح الحق سميت ڪيئي نالا غور هيڊ آهن.
Next Post
You might also like