ڪراچي (رپورٽر) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ ڌرتي جي وجود، درياهه جي پاڻي ۽ زمينن تيقبضي خلاف جدوجهد جاري رهندي. هن چيو ته ڌرتي جي حق لاءِ جدوجهد ڪندڙ جسقم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. هن ٻڌايو ته مٽياري ۾ جسقم اڳواڻ سجيل سالاريو ۽ ذوالفقار علي ڏيٿو کي پوليس پاران ڦر جي ڪوڙي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو، جڏهن ته نوابشاهه مان جسقم ترجمان آصف رضا مگسي، چيف آرگنائيزر شعبان ماٽي ۽ سندس ٻن پٽن کي، ڪنڌڪوٽ مان ضلعي صدر والي ڏنو سنڌي ۽ حفيظ سنڌي کي، ڄامشوري مان عابد جمالي کي، ۽ خيرپور ميرس مان اعجاز ڦلپوٽو ۽ عباس چانڊيو کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو، جيڪي بعد ۾ احتجاج جي نتيجي ۾ آزاد ڪيا ويا. صنعان خان قريشي چيو ته جسقم ڪارڪنن جي سياسي ۽ قانوني مالڪي ڪئي ويندي، ۽ سنڌ جي وجود خلاف ٿيندڙ هر سازش جي سخت مزاحمت ڪئي ويندي.