ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي رياست راس الخيمه ۾ ٽريفڪ تڪرار تي فائرنگ ۾ 3 عورتون مارجي ويون، جڏهن ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
اماراتي ميڊيا موجب دبئي کان لڳ ڀڳ 120 ڪلو ميٽر پري رياست راس الخيمه ۾ معمولي ٽريفڪ تڪرار ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون.
اطلاعن موجب جهيڙو راس الخيمه جي رهائشي علائقي ۾ ان وقت شروع ٿيو، جڏهن گاڏي جي لنگهه تي معمولي ڏند چڪ ٿي، ان دوران جوابدار اوچتو پسٽل ڪڍيو ۽ ٽن عورتن تي فائرنگ ڪري ڏني.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ هٿيار به قبضي ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس پبلڪ پراسيڪيوشن حوالي ڪيو ويو آهي.
Next Post
You might also like