انگلينڊ جو ويسٽ انڊيز خلاف وائيٽ بال سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان، هيري بروڪ ڪپتان

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ (ايِ سِي بِي) ويسٽ انڊيز خلاف هلندڙ مهيني کان شروع ٿيندڙ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ مردن جي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
انگلش ٽيم ويسٽ انڊيز خلاف 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي.
ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ لِيام ڊاسن جي واپسي ٿي آهي، جنهن کي سيپٽمبر 2022 کانپوءِ پهريون ڀيرو قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ لوڪ وُوڊ به ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ واپسي ڪري رهيو آهي، هو آخري ڀيرو سيپٽمبر 2023 ۾ انگلش لاءِ بين الاقوامي ميچ کيڏيو هو.
ون ڊي اسڪواڊ ۾ گهڻي ڀاڱي اُهي ئي رانديگر شامل آهي جيڪي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ اسڪواڊ ۾ شامل هئا، ٽام هارٽلي آخري ڀيرو سيپٽمبر 2023 ۾ آئرلينڊ خلاف انگلينڊ نمائندگي ڪئي هئي، اهو پڻ ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل آهي.
بيٽنگ آل رائونڊر وِل جيڪس ٻنهي فارميٽن لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل آهي، جيڪو انگلينڊ جي سيٽ اپ ۾ ٻيهر واپسي ڪري رهيو آهي.
ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز لاءِ هيري بروڪ (ڪپتان)، جوءِ روٽ، جوفرا آرچر، گس ايٽڪنسن، ٽام بينٽن، جيڪب بٿل، جوس بٽلر، برائيڊن ڪارس، بين ڊڪٽ، ٽام هارٽلي، وِل جيڪس، ثاقب محمود، جيمي اوورٽن، ميٿيو پوٽس، عادل رشيد ۽ جيمي سمٿ شامل آهن.
ان کانسواءِ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ هيري بروڪ (ڪپتان)، ريحان احمد، ٽام بينٽن، جيڪب بٿل، جوس بٽلر، برائيڊن ڪارس، لِيام ڊاسن، بين ڊڪٽ، وِل جيڪس، ثاقب محمود، جيمي اوورٽن، ميٿيو پوٽس، عادل رشيد، فل سالٽ، لوڪ ووڊ شامل آهن.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ون ڊي 29 مئي تي ايجبيسٽن ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ پهرين جون تي ڪاردف جي سوفيا گارڊنز ۾، جڏهن ته سيريز جي ٽِين ۽ آخري ميچ 3 جون تي لنڊن جي اوول گرائونڊ ۾ رٿيل آهي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ 6 جون تي درهم ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ اٺ جون تي سيٽ يونيڪ اسٽيڊيم۾ بِرسٽل، جڏهن ته آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 10 جون تي سائوٿمپٽن ۾ شيڊيول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.