ڀارتي صحافي جون پاڪستانين کي ڌمڪيون، حامد مير کيس ٺاهوڪي ڇنڊ پَٽي!

پاڪستان جي ڪامياب آپريشن "بنيان مرصوص” ڀارتي ميڊيا جا هوش حواس خطا ڪري ڇڏيا آهن. گودي ميڊيا جو ارنب گوسوامي پاڪستانين کي ڌمڪيون ڏيڻ لڳو.

ناليواري صحافي اينڪر پرسن حامد مير کانئس سوال ڪيو ته تون صحافي آهين يا دهشتگرد؟ تون پاڪستانين کي ڌمڪيون ڪيئن ٿو ڏئي سگھين؟

حامد مير جو چوڻ هو ته بي جي پي جو ترجمان ٽي وي چينل، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي به تنقيد ڪرڻ لڳو آهي.

هن چيو ته پاڪستان رڳو ڀارت سان جنگي محاذ تي نه، پر سفارتي ۽ صحافتي ميدان ۾ به کٽي چڪو آهي، ڇو ته ڀارتي عوام پنهنجي ميڊيا کي ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ تي بڇڙو سڏڻ لڳي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.