اسلام آباد(م ڊ) قومي سلامتيءَ جي اڳوڻي مشير ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر جنجوعه چيو آهي ته ڀارتي ڊرون اسان جي تنصيبات کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، انهن جو خيال آهي ته اسان انهن ڊرونن کي هوائي فوج ذريعي روڪينداسين.هن چيو ته ڀارت جي جارحاڻي ڪارروائي کان پوءِ قومي سلامتي ڪميٽي ۽ وزيراعظم شهباز شريف اڳ ئي جوابي قدم بابت واضح ڪري چڪا آهن، اسان ڀارت کي اها اجازت نه ٿا ڏئي سگهون ته هو اسان جي ملڪ ۾ پنهنجي مرضي سان فوجي ڪارروائي ڪري،هن چيو ته اهو ٿي نٿو سگهي ته ڀارت پنهنجن سياسي مقصدن لاءِ اسان جي ٻارن ۽ خاندانن کي نشانو بڻائي، اسان ڀارتي فوجي ڪارروائين جو ضرور ردعمل ڏينداسين، هن چيو ته ڀارت کي جواب پنهنجي چونڊيل وقت، طريقي ۽ هنڌ تي ڏنو ويندو، صبر ۽ تحمل سان ڪم وٺو، ڀارت کي ضرور جواب ڏنو ويندو،اسان جي بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪيو پيو وڃي ۽ دنيا کي چيو ٿو وڃي ته اسان دهشتگرد ماريا آهن، هيءَ ڳالهه اسانجي قومي غيرت جو سوال آهي، جيڪي ڪجهه ڀارت ڪيو آهي ان جو اسان پورو جواب ڏينداسين.هن اهو به چيو ته اسان کين گهڻو سمجهايو ته جنگ ٻنهي جي تباهيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿي، پر انهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، ڀارتي جهازن جي ڪيرائڻ جي تصديق لاڳاپيل ڪمپني به ڪئي آهي.