سون يڪدم هزارين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)مسلسل واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ اڄ هزارين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون چار هزار 2 سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 52 هزار ست سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 3 هزار 601 رپيا لاٿ کانپوءِ 3 لک 2 هزار 383 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت ۾ 42 ڊالرز گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ في اونس سون جي نئين قيمت 3 هزار 343 ڊالرز ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.