اسلام آباد (ويب ڊيسڪ( وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف سان آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو رابطو ڪيو آهي.
وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، آمريڪي پرڏيهي وزير چيو آهي ته آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا جي صورتحال تي گهري نظر آهي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.
مارڪو روبيو پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي تي زور ڀريو ته ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪن.
وزيراعظم شهباز شريف ڏکڻ ايشيا جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال بابت آمريڪي صدر ٽرمپ جي اظهار ڪيل ڳڻتي کي ساراهيو.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو هر قيمت تي تحفظ ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
هن چيو ته ڀارت جي حملن پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، جنهن سان خطي جو امن ۽ استحڪام سنگين خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڀارت جي بنا سبب جنگي ڪارروائين تي پاڪستاني قوم کي سخت ڪاوڙآهي، پاڪستان گڏيل قومن جي منشور جي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجو دفاع ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.
وزيراعظم هائوس موجب، ٻنهي ڌرين رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
Prev Post
You might also like