سنڌ ۾ پرائمري استادن جا بيشمار مسئلا آهن جنهن جي حل لاءِ حڪومت سنڌ ڪي به عملي قدم نه کڻي رهي آهي.پرائمري استادن جا اسڪيل روائيز نه ٿيڻ، رننگ اسڪيل ۾ پوئتي رکڻ، گروپ انشورنس، اپ گريڊيشن جو معاملو هڪ وڏي عرصي کان حڪومتي ميز تي پيل آهي ۽ صوبائي وزير تعليم توڙي سيڪريٽري تعليم انهيءَ ورلڊ بئنڪ، يورپين بئنڪ، يو ايس ايڊ سميت دنيا جي مختلف ملڪن کان مليل ڊالرز ۾ امداد کي خرچ ڪرڻ لاءِ بظاهر تعليم کي سنوارڻ جا نوان نوان فارمولا ته روز روز اسڪولن ۾ لاهڻ جي ڳالهه ڪندا رهن ٿا پر اصل ۾ سنڌ جي پرائمري استادن کي هو پنهنجو غلام تصور ڪندي انهن جي جائز مسئلن جي حل ڪرڻ طرف توجهه ئي نٿا ڏين. پرائمري استادن جو اهو مطالبو آهي ته جن جن استادن جون ڪنهن به جاءِ تان تعليمي آفيسرن بدليون ڪيون آهن ته پوءِ خدارا انصاف تي ٻڌل فيصلا ڪندي اهي تعليمي آفيسر پنهنجي فيصلي تي قائم رهندي انهن پرائمري استادن جون اي ڊيز ته بند نه ڪن ۽ سيميز ڪوڊ نئين اسڪول جو ڏيندي استادن جون پگهارون جيئن جو تيئن جاري ڪيون وڃن، ويچارن پرائمري استادن کي پگهار کانسواءِ ٻيو ڪهڙو معاشي ذريعو آهي.آخر ۾ جيئن سنڌ جي سمورن ڪلارڪن کي اسڪيل روائيز ڪندي سنڌ حڪومت ساراهه جوڳو قدم کنيو آهي. جيڪڏهن سنڌ جي سمورن پرائمري استادن کي به ائين ئي سروس اسٽرڪچر اسڪيل ڏيئي انهن جي به پراڻي خواهش پوري ڪئي وڃي ته سنڌ حڪومت جو اهو تاريخي قدم ليکيو ويندو ۽ انهي سان سنڌ جي هزارين استادن جي معاشي بهتري ٿي سگهي ٿي.سنڌ کان سواءِ ٻين صوبن جا پرائمري استاد گروپ انشورنس ۽ يوٽيلٽي الائونس ۽ ٻيو مراعتون کڻن ٿا، سنڌ جو استاد انهيءَ سرڪاري مراعتن کان محروم بڻيل آهن. سرڪاري ملازم سو به ويچارو پرائمري استاد جنهن جا هن مهانگائيءَ جي دور ۾ گهرو مسئلن ، بيمارين بڙين، اولاد، والدين، غمي خوشي، پنهنجو جهڳو ٺاهڻ ڪيڏو وڏو مسئلو بڻيل آهي. هر ڀيري سنڌ حڪومت پاران چيو ويندو آهي ته توهان جي مسئلي جي حل لاءِ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي ۽ توهان جي سمري سي ايم صاحب جي ميز تي پيل آهي سنڌ جو استاد چئي ٿو ته جڏهن پنجاب بلوچستان ۽ ٻين صوبن جي پرائمري استادن کي مڪمل سهولتون مراعتون سروس اسٽرڪچر ، يوٽيلٽي الائونس، سموريون ڊگرين تعليمي اضافن جون انڪريمينٽون ۽ ڊفرنس ملن ٿا ته پوءِ سنڌ جي پرائمري استادن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو انهن جا جائز ۽ تسليم ڪيل سالن جا سال مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن؟، 30 سالن کان وڌيڪ سروس ڪندڙ پرائمري استادن کي 17 اسڪيل سالن کان نٿو ڏنو وڃي، جڏهن ته هائير سيڪنڊري استادن ايڇ ايس ٽي، ڪاليج جي ليڪچرارن ۽ يونيورسٽي جي پروفيسرن کي 17، 18، 19 ، 20 ۽ 21 گريڊ ڏيئي هڪ پيرڊ وٺڻ واري جو مان مٿانهون ڪيو وڃي ٿو باقي جيڪو سڄو ڏينهن کليل آسمان، ڀڳل ٽٽل ڪرسي ۽ اڻ پوري فرنيچر تي پنهنجي شاگردن کي سمورا سبجيڪٽ مسلسل پڙهائيندي ماءُ ۽ پيءُ جهڙو ساٿ نڀائيندي انهن جي سنگهه ۽ لم به اگهي ٻارڙن کي مت ڀرو ڪري ٻين مٿين اسڪولن، ڪاليجن يونيوارسٽي ڏانهن تيارڪري اماڻي ٿو انهيءَ کي ڪو 17 گريڊ نه ڏيڻ سراسر حڪومت سنڌ جي لکين استادن سان زيادتي آهي. سو سنڌ جي پرائمري استادن کي سروس اسٽرڪچر ڏنو وڃي ته مسئلا حل لڳا پيا آهن نه ته استاد برادري پنهنجي جائز حقن جي حاصلات لاءِ ميدان ملهائيندا.
حاجي شفيع محمد سٺيو