ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪالونائيزيشن ۽ ڪارل مارڪس

تحرير: جڳديش آهوجا

 مارڪس ۽ اينگلس  پنھنجي فڪر ۽ فلسفي وسيلي سڄي دنيا جي غريبن ۽ مظلومن کي سمجههايو ته اوھان جي غربت، غلامي ۽ بدحالي اوھان جي تقدير ناھي، نه ئي ان ۾ ڪا رب جي رضا شامل آھي،  مذھب کي حاڪم اوھان کي ذھني طور غلام بڻائي رکڻ لاءِ ھڪ ھٿيار طور استعمال ڪن ٿا، اوھان پنھنجي انقلابي جدوجھد وسيلي دنيا بدلائي سگھو ٿا، ظلم، جبر ۽ غلاميءَ جا سڀ زنجير ٽوڙي سگھو ٿا ۽ پنھنجي تقدير بدلائي سگھو ٿا.

اوھان ڏٺو ته جيستائين اسان جا ڏاھا اسان کي چوندا رھيا ته ڪجهه نه ڪيو، ڪجهه نه ٿيندو ۽ اسان خاموشيءَ سان ھر ظلم ستم سھڻ تي ھري وياسين بلڪ ان ۾ پنھنجو حصو به ڳنڍڻ لڳاسين ته سنڌ جي افق تي مايوسي ۽ بد دلي جا ڪارا ڪڪر ڇانيل رھيا پر ‘اڃان ڪي آھين ڪلجڳ ۾ ڪاپڙي ‘ جيان سنڌ جا ڪي سرڪش روح اميد جي مشعل جلائيندا رھيا ته اڄ اسان جي ھمت ۽ حوصلي سان سنڌونديءَ اسان کي ان سوڀ سان ھمڪنار ڪيو آھي جنھن جي نويد اسان کي رگ ويد جي راويءَ سڻائي هئي ته، ‘سنڌوءَ تي ڪوئي به سوڀ ماڻي نٿو سگهي، سنڌو اسان کي به سوڀ سان ھمڪنار ڪرائي سگھي ٿي.’

اڃان ھيء ابتدا آھي: فتحن جي ھڪ نئين سلسلي جي ابتدا ۽ ھي پڄاڻي آھي: شڪستن جي بظاھر اڻ کٽ سلسلي جي پڄاڻي.

ڪميونسٽ فڪر ۽ قومي آزاديءَ جي علمبردارن جي سڀ کان وڏي خوبي اھا آھي ته ھو تاريڪين ۽ شڪستن جي اڻکٽ سلسلي ۾ به ھٿيار ڦٽا ناھن ڪندا ۽ اميد جي جوت جلائي رکندا آھن. سنڌ ۾ جاري ڪئنال مخالف تحريڪ جيڪا سڀ کان وڏي فتح ماڻي آھي سا آھي سنڌي قوم جي وڃايل خود اعتماديءَ جي بحالي، جيڪا ئي فتحن جي ھڪ نئين سلسلي جو سرچشمو آھي.ڪئنالن جي منصوبي جي التوا عارضي فتح آھي جيڪا به رياستي چوڪيدارن ۽ ديسي دلالن کان ھضم نه ٿي سگھي آھي جنھن ڪري انتقامي ڪاررواين جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي جنھن جو مقصد آھي سنڌي قوم جي عارضي فتح کي شڪست ۾ بدلائي، تازي بحال ٿيل خود اعتماديءَ کي وري شڪ ۽ بدگماني جي ور چاڙهي سنڌي قوم جي پائيدار  فتح ڏانھن پيش قدميءَ کي روڪڻ.

اسان جڏھن 8 مھينا اڳ  آگسٽ ـ سيپٽمبر 2024ع کان نون  ڪينالن خلاف قومي بيداري جي مھم  جو آغاز ڪيو ته ان جو پورو ڪيس تيار ڪري عوام آڏو پيش ڪيو ۽ علم ۽ عمل جي سنگم سان ان کي ھڪ تاريخي موڙ تي پڄايو. ھاڻي جڏھن اسان تحريڪ جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهيون، جنھن جا مک ٽارگيٽ آھن: ڪئنالن جي منصوبي کي مڪمل طور رد ڪرائڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ زمينن تي قبضاگيري ختم ڪرائڻ، ته ان موڙ تي رياست ھڪدم تحرڪ ۾ اچي وئي آھي ته جيئن اسان جي پيش قدميءَ کي روڪي سگهي. ڪينالن جيان اسان کي ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف به مضبوط ڪيس تيار ڪري،  اڳ کان به وڌيڪ جامع، وسيع ۽ گھڻ رخي حڪمت عملي ۽ ثابت قدميءَ سان جدوجھد ڪرڻي آھي.

ڪارپوريٽ فارمنگ جو تصور ترقي يافته سرمائيداري سماج جي پيداوار آھي، جتي زراعت به صنعت جي حيثيت اختيار ڪري ورتي آھي. مائڪروسافٽ جو باني بل گيٽس به زرعي صنعت ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جو تمام وڏو سرمائيڪار آھي جنھن جي  ڪيس ڪيڊ انويسٽمينٽ ڪمپني وٽ 2 لک 75 ھزار ايڪڙ  زرعي زمين آھي. ڪارپوريٽ فارمنگ ان سماج جو زرعي ماڊل آھي جتي سرمائيداري ترقي جي ان منزل تي پهچي ويندي آھي جتي روايتي زميندار ۽ ھاري طبقي جو وجود ئي ختم ٿي ويندو آھي ۽ انھن جي جآءِ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس فارمر ۽ زرعي سرمائيدار والاريندو آھي. جڏھن ته اسان جو سماج معاشي تنزليءَ جي ان ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آھي جتي زراعت ته ڇا شھري صنعت به اڃان اوسر نه ڪري سگھي آھي. 25 ڪروڙن جي آباديءَ واري ملڪ ۾ اڄ به رڳو ڪراچي، لاھور ۽ وچ پنجاب جا ڪجهه شھر ئي آھن جن کي اسان صنعتي شھر سڏي سگهون ٿا. اسان جي زراعت ايتري به اوسر نه ڪئي آھي جو طبقاتي لحاظ کان زميندار زرعي سرمائيدار ۽ ھاري زرعي مزدور بڻجي ويو ھجي، جيڪو ڪارپوريٽ فارمنگ ڏانھن پھريون قدم ھوندو آھي.

باقي اسان جھڙن ملڪن ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ڪالونائيزيشن جو ٻيو نالو آھي. ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ ھڪ ئي ڪمپني لکين ايڪڙ زمين جا مالڪاڻا حق حاصل ڪرڻ جي قانوني طور حقدار بڻجي سگھي ٿي جيئن بل گيٽس اڄ پوڻا ٽي لک ايڪڙ زمين جو مالڪ آھي.

پاڪستان جي ڪمپني سرڪار  اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي منصوبي تحت سرائيڪي وسيب، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي 48 لک ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي آڙ ۾ ھڙپ ڪرڻ چاھي ٿي سو به بلڪل مفت ۾، ڏنڊي جي زور تي. ھي عمل سرمائيدارانه سماج جي مارڪيٽ ايڪانومي جي اصولن جي به بنھ برعڪس آھي. ھي عمل مڪمل طور  ڪالونائيزيشن جو عمل آھي نه ڪي ڪارپوريٽ فارمنگ جو. پاڪستان جا رياستي چوڪيدار ۽ سندن ديسي دلال ته  سرمائيداري سماج جي الف بي تي به عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناھن، اھي وري عمل ڪندا ڪارپوريٽ فارمنگ جي انتھائي ترقي يافته نظام تي! ناممڪن، نا ممڪن، ناممڪن!

نه وٽن اھڙي صلاحيت آھي، نه سگهھ.

 نيت ته اڳ ۾ ئي کوٽي اٿن.

ايس آءِ ايف سي جي ڇٽيءَ ھيٺ گرين پاڪستان انيشيٽو طبقاتي ۽ قومي ڏاڍ جو  انتهائي مڪروھ منصوبو آھي. ان جو سماجي اوسر ۽ سرمائيداراڻي ترقي سان ڪو پري پري جو به واسطو ناھي. سرمائيدارانه سماجي اوسر ۽ معاشي ترقي جو مھندار سرمائيدار طبقو ھوندو آھي پر گرين پاڪستان انيشيٽو جي واڳ ملٽري اسٽيبلشمينٽ جي آھني مٺ ۾ قابو آھي جنھن لاءِ سنڌ يونائيٽڊ پارٽيءَ جي صدر سيد زين شاھ ٻڌايو ته گرين پاڪستان ڪمپني جي ھيڊ آفيس ئي جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ قائم ڪئي وئي آھي ۽ ھڪ ئي ڌڪ سان  48 لک ايڪڙ زمين سندس حوالي ڪرڻ جي فيصلي تي تيزي سان عمل ڪيو پيو وڃي. جيئن 6 ڪينالن مان سڀ کان تيزيءَ سان ڪم چولستان ڪئنال ۽ ان سان لاڳاپيل آبپاشي نظام تي پئي ٿيو تيئن ڪالونائيزيشن جو تيز ترين عمل به چولستان جي زمينن تي ٿي رھيو آھي. ھن سڄي منصوبي ۾ سڀ کان پھرين چولستان، ٿر، نارو، بدين ۽ ٺٽي جي زمينن تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي آڙ ۾ قبضو ڪرڻ مقصود آھي. سنڌ ۾ زمينن جي والار جي حوالي سان ذوالفقار آباد جي نقشي کان گرين پاڪستان انيشيٽو جي منصوبي تائين نظر وجھو ته اوھان کي ھڪڙو اسٽريٽجڪ پئٽرن به نظر ايندو: سنڌ جي سمنڊ، سامونڊي پٽي، سنڌ جي ھند سان ملندڙ سرحدي علائقن ۽ ڏکڻ سنڌ تي مڪمل عسڪري قبضي جو پئٽرن.  ان سلسلي ۾ مان سمجهان ٿو ته محترم نصير ميمڻ اسان جي بھتر رھنمائي ڪري سگھي ٿو جو ان جو ذوالفقار آباد تي اڳواٽ ئي ڪافي تحقيقي ڪم ٿيل آھي. ياد رھي ته ذوالفقار آباد منصوبي جي واڳ به پاڪ نيوي جي آفيسرن وٽ رھي آھي يعني جي ايڇ ڪيو راولپنڊي وٽ.

ٻي اھم ڳالهه ته سي سي آءِ جي اجلاس ۾ رڳو ڪينالن تي عمل درآمد کي اتفاق رآءِ ٿيڻ تائين ملتوي ڪيو ويو آھي جڏھن ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي آڙ ۾ سنڌ ۽ سرائيڪي وسيب جي زمينن تي والار جي سلسلي کي جيئن جو تيئن جاري رکيو ويو آھي ۽ پيپلزپارٽي به ساڳيون ڪينالن واريون ترڪتالي چالون ھلي رھي  آھي. پھرين بلاول بيان ڏنو ته اسين گرين پاڪستان انيشيٽو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جا حامي آھيون بلڪ  اھا پيپلزپارٽي جي پنھنجي فلاسافي آھي. اھو ڏاڍو مضحڪہ خيز بيان ھيو: پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ فلاسافي!

پيپلزپارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽي جو فلاسافي سان بس اھو رشتو ھيو ته اقتدار ۽ عوامي مقبوليت ماڻڻ خاطر سوشلسٽ فلاسافي ۽ اسلام کي ڪيئن استعمال ڪجي. ھن عوامي مقبوليت ماڻڻ خاطر ‘سوشلزم اسان جي معيشت آھي’، ‘طاقت جو سرچشمو عوام آھي’ ۽ ‘روٽي، ڪپڙا اور مڪان’ جھڙا عوامي نعرا ھنيا ته وري پاڪستاني اسٽيبلشمنٽ  ۽ قدامت پسندن کي راضي رکڻ لاءِ ‘اسلام اسان جو دين آھي’، ‘احمدي غير مسلم آھن’۽ ‘شراب حرام آھي’ جھڙا نعرا ۽ پاليسيون ڏنيون. پيپلزپارٽي جي بانيڪار جي  عملي طرح نه اسلام سان ڪا وابستگي ھئي ۽ نه سوشلزم جي فلاسافي سان ۽ ھن فلاسافي ڏني اسلامي سوشلزم جي. پر ھو اھو سڀ ڪجهه ان ڪري ڪري سگهيو جو ھن وٽ گھٽ ۾ گھٽ تاريخ، فلاسافي ۽ بين الاقوامي سياست جي ڪا سمجهه ته ھئي پر زرداري ۽ بلاول جھڙن جيتامڙن کي ڇا ڪجي جن کي ناجائز طريقن سان پئسي ڪمائڻ ۽ ھر حال ۾، ھر پگھار تي اسٽئبلشمينٽ جي نوڪري ڪرڻ کانسوآءِ ڪجهه نٿو اچي. پوءِ جي بلاول ڪارپوريٽ فارمنگ کي پيپلزپارٽي جي فلاسافي سڏي ته ان کي ڪھڙي معيار ڏجي جنھن کي فلاسافي جي الف بي جي به خبر ناھي. ھاڻي وري جڏھن ڏٺائين  ته سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف تحريڪ شروع ٿي وئي آھي ته يڪدم قلابازي کاڌي اٿائين ته اسان ڪارپوريٽ فارمنگ جا نه ڪو آپريٽو فارمنگ جا حامي آھيون.

 ھاڻي ھن مسڪين کي، فلسفي جي غربت جي شڪار انسان کي  ڪير سمجههائي ته ڪارپوريٽ فارمنگ سرمائيداري سماج جي فلاسافي آھي، ڪو آپريٽو فارمنگ سوشلسٽ ۽ ويلفيئر سماج جي فلاسافي آھي ۽ ڪميون فارمنگ ڪميونزم جي فلاسافي آھي جن ٽنھي جو ڪمپني سرڪار سان ڪو تعلق نه ھوندو آھي جنھن جي پگھار  تي  پيپلزپارٽي پلجي رھي آھي. اوھان ڀل چاپلوسي ۽ ضمير فروشي جون سڀ حدون ڪراس ڪري ڇڏيو، سنڌ جي عوام اوھان جو اصل چھرو ڏسي ورتو آھي ۽ اوھان جو ۽ اوھان جي آقائن جو بت ڪيرائي ورتو آھي، ھاڻي اسان جي پيش قدمي ھڪ نئين فتح ڏانھن وڌندي رھندي: ھڪ اھڙي فتح ڏانھن جيڪا قومي ۽ طبقاتي غلاميءَ جا، ظلم ۽ استحصال جا سڀ ڪوٽ ڪيرائي ڇڏيندي ۽  نئين سنڌ، نئين سنڌو تھذيبَ جي تخليق ۽ تعمير جا بنياد فراھم ڪندي. اسان جي نئين سنڌ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد چواڻي ‘اولھ ۽ اوڀر جي وچ ۾ پل جو ڪم ڪندي’ ۽ ‘امن عالم، اتحاد انساني ۽ ترقي بني آدم’ جي فلاسافي کي عملي جامو پهرائيندي. اڄ ڪارل مارڪس ۽ سندس فلاسافي کي ته بلاشڪ گرھڻ لڳي چڪو آھي پر دنيا جي ھن خطي ۾ انسان دوستي نون رنگن سان نکري نروار ٿي رھي آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.