اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي انڊس واٽر ڪمشنر شيراز ميمڻ چيو آهي ته ڀارت پاڪستان جو پاڻي رڳو ڪجهه ڪلاڪن لاءِ روڪي سگهي ٿو، خاص ڪري اونهاري ۾ ان وٽ پاڻي روڪڻ جا اختيار تمام محدود هوندا آهن.
نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شيراز ميمڻ جو چوڻ هو ته ڀارت بگليهار ڊيم ۾ رڳو ڪجهه ڪلاڪن لاءِ پاڻي روڪي سگهي ٿو، ڇو ته اونهاري ۾ دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو وڌي ويندو آهي، جنهن سبب ڊيمن ۾ پاڻي جمع ڪرڻ ممڪن نه هوندو آهي.
هن چيو ته ڀارت رڳو سياري ۾ پاڻي روڪي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان وقت پاڻيءَ جو مقدار گهٽجي ويندو آهي.
شيراز ميمڻ چيو ته ڀارت کي پاڻي جي مسئلي جي نبيري لاءِ ڳالهين جي ميز تي اچڻو پوندو، ڇو ته ڀارت کي به خبر آهي ته هو سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفو ختم نٿو ڪري سگهي.
اڳوڻي واٽر ڪمشنر چيو ته حڪومت جو گڏيل قومن ۾ وڃڻ جو فيصلو وقتائتو آهي، ڀارتي آبي جارحيت بابت عالمي برادري کي باخبر رکڻ ضروري آهي.
شيراز ميمڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ ممڪن ناهي، ڇو ته ٻئي ملڪ ايٽمي قوت آهن، ڀارت اسان جو ازلي دشمن آهي، ورلڊ بئنڪ سان رابطو ڪرڻو پوندو، ورلڊ بئنڪ ۽ نيوٽرل ماهر سنڌ طاس معاهدي جا ضامن آهن.
You might also like