نٿو ڄاڻان ته مون کي آئين جي پاسداري ڪرڻ گهرجي يا نه: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي نٿو ڄاڻان ته مون کي آمريڪي آئين جي پاسداري ڪرڻ گهرجي يا نه.
آچر ڏينهن نشر ٿيندڙ هڪ ٽيلي ويزن انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته مان ٽيون ڀيرو صدارتي چونڊ وڙهڻ تي سنجيدگي سان غور نه پيو ڪيان، توڙي جو ڪجهه ڏينهن اڳ هن هڪ ٻئي انٽرويو ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ٽئين مدي لاءِ به صدارتي چونڊ وڙهڻ جو واضح اشارو ڏنو هو.
ميزبان طرفان ٽرمپ کان پڇيو ويو ته سندس خيال ۾ کيس ملڪ جي سپريم لا جي پاسداري ڪرڻ گهرجي ته ٽرمپ جواب ڏنو مون کي ناهي خبر.
خاص طور اهو پڇڻ ته ڇا آمريڪي شهرين ۽ پرڏيهين، ٻنهي خلاف قانوني ڪارروائي منصفاڻي، شفاف ۽ قانون موجب ٿيڻ گهرجي، جنهن ۾ انهن کي پنهنجي دفاع جو مناسب موقعو ملي، جيئن آمريڪي آئين ۾ بيان ڪيو ويو آهي تي ٽرمپ چيو ته مان وڪيل ناهيان، مون کي ناهي خبر.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.