وٽامن ڊي جي کوٽ پوري ڪرڻ انتهائي آسان، ماهرن سولو ڏَس ڏئي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ماهرن چيو آهي ته سج جي روشني، کير ۽ مڇي جي استعمال سان وٽامن ڊي جي کوٽ پوري ڪري سگهجي ٿي.
لاهور ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي ماهرن چيو ته وٽامن ڊي جي کوٽ سان هڏن جي ڪمزوري ۽ جسم ۾ سور ٿئي ٿو، مدافعتي قوت ۾ گهٽتائي جهڙا مسئلا پيدا ٿين ٿا.
هنن چيو ته وٽامن ڊي جي کوٽ جو سبب سج جي روشني نه کائڻ ۽ متوازن غذا استعمال نه ڪرڻ آهي، سج جي روشني، کير ۽ مڇي جي استعمال سان وٽامن ڊي جي کوٽ پوري ڪري سگهجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.