وٽامن ڊي جي کوٽ سان ذيابطيس ٿيڻ جو انڪشاف

جاپاني ماهرن پاران ڪيل هڪ تحقيق سان معلوم ٿيو آهي ته وٽامن ڊي جي کوٽ جتي ٻين طبي مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿي اتي ئي ان سان ذيابطيس جو خطرو به وڌي ويندو آهي.
اها تحقيق جاپاني ماهرن ٽي سالن تائين 1256 ماڻهن تي ڪئي، جنهن مان ظاهر ٿيو ته جيڪي ماڻهو وٽامن ڊي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ سپليمينٽس وٺن ٿا، تن ۾ نه فقط ٽائپ ٽو ذيابطيس ٿيڻ جو خطرو گهٽ هوندو آهي پر انهن ۾ انسولين جي مقدار به بهتر رهندي آهي.
تحقيق دوران ماهرن رضاڪارن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو، جن مان هڪ گروپ کي روزانو وٽامن ڊي جو سپليمينٽ ڏنو ويو، جڏهن ته ٻئي گروپ کي رڳو سادو گلوڪوز فراهم ڪيو ويو.
ماهرن هر ٽن مهينن بعد رضاڪارن جون مختلف ٽيسٽون ڪيون، جن ۾ باڊي ماس انڊيڪس سميت ٻيا طبي معائنا به شامل هئا ۽ ذيابطيس جو به جائزو ورتو ويو.
نتيجن مان ظاهر ٿيو ته جيڪي ماڻهو وٽامن ڊي جا سپليمينٽ وٺي رهيا هئا، تن ۾ ٽائپ ٽو ذيابيطس ٿيڻ جو خطرو 11 سيڪڙو گهٽ هو.
تحقيق ۾ شامل ماهرن جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ وٽامن ڊي جي کوٽ رکندڙ ۽ سپليمينٽ وٺندڙ ماڻهن جي نتيجن ۾ وڏو فرق نه هو پر سپليمينٽ وٺندڙ ماڻهن ۾ ذيابطيس ٽائپ ٽو جي امڪانن ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي.
ماهرن سفارش ڪئي ته ماڻهو ذيابيطس ٽائپ ٽو کان بچڻ لاءِ وٽامن ڊي جا سپليمينٽ وٺي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.