اڪشي ۽ سيف جي جوڙي 17 ورهين کانپوءِ وڏي پردي تي واپسيءَ لاءِ تيار

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جا مشهور اداڪار اڪشي ڪمار ۽ سيف علي خان هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي پردي تي گڏ نظر ايندا.
17 ورهين کانپوءِ اڪشي ڪمار ۽ سيف علي خان جي جوڙي مداحن کي لطف اندازو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هن ڀيري اها جوڙي هڪ ٿرلر فلم ۾ منفرد ڪردار نڀائيندي نظر ايندي.
مشهور فلمساز پريا درشن جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ ان فلم جي شوٽنگ آگسٽ 2025 کان شروع ٿيندي ۽ فلم 2026 ۾ سيمينا گهرن جي زينت بڻجندي.
واضح رهي ته اڪشي ڪمار ۽ سيف علي خان آخري ڀيرو 2008 ۾ فلم ”ٽشن“ ۾ گڏ ڪم ڪيو هو، جڏهن ته اهي مشهور فلمن ”مين کلاڙي تو اناڙي، يه دل لگي، تو چور مين سپاهي، قيمت“ ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.