وائڙائپ جو شڪار مودي سرڪار بلاول ڀٽو زرداري جو ايڪس اڪائونٽ بلاڪ ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مودي سرڪار ڀارت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ايڪس اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيو.
پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان بلاول ڀٽو زرداري جي ايڪس اڪائونٽ جي بندش جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارت پهلگام واقعي جو الزام ته پاڪستان تي لڳائي ڇڏيو پر جڏهن سچائي سامهون آئي ته مودي سرڪار سخت پريشاني جو شڪار ٿي وئي آهي.
هن چيو ته پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارتي قدمن سان پاڪستان جي موقف کي وڌيڪ هٿي ملي رهي آهي، مودي سرڪار ٻڌي وٺي ته آواز دٻائڻ سان سچ لڪندو ناهي.
هوڏانهن بلاول هائوس جي ترجمان سريندر ولاسائي به ڀارت پاران چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ايڪس اڪائونٽ بند ڪرڻ تي ردعمل ڏيندي چيو ته اهو ثابت ٿي ويو ته مودي، بلاول ڀٽو زرداري کان ڊڄي ٿو، ثابت ٿي ويو ته ڀارت غير جمهوري ملڪ آهي ۽ مودي انتهائي ڊڄڻو شخص آهي.
هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي پهلگام واقعي بابت بيان مودي جو هاضمو خراب ڪري ڇڏيو، اهو بلاول ڀٽو زرداري ئي هو، جنهن گجرات جي ڪاسائي کي پهريون ڀيرو دنيا آڏو وائکو ڪيو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جنگي جنون ۾ ورتل مودي کي هميشه آئينو ڏيکاريندو رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.