ڪراچي (پ ر) ڪراچي يونين آف جرنلسٽس (ڪي يو جي) ۽ ڪراچي پريس ڪلب پيڪا ايڪٽ جي فوري طور واپسي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ڪي يو جي صدر اعجاز احمد هر سال 3 مئي تي ملهائي ويندڙ ”صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن“ جي اهميت کي اجاڳر ڪندي غزا ۾ ڏکين حالتن ۾ ڪم ڪندڙ صحافين کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ اظهار جي آزادي جي جدوجهد ۾ پاڪستان، غزا ۽ سڄي دنيا ۾ پنهنجون حياتيون وڃائيندڙ صحافين جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي عزم جو اظهار ڪيو ته هر قسم جي ڏکيائين باوجود صحافت جي آزادي لاءِ جدوجهد جاري رهندي.
پريس ڪلب جي سيڪريٽري سهيل افضل چيو ته صحافين کي ڪڏهن به آئين ۾ ڏنل آزادي ناهي ملي ۽ انهن هميشه ڏکين حالتن ۾ پنهنجون خدمتون انجام ڏنيون.
ٻنهي اڳواڻن پيڪا ايڪٽ جي فوري طور واپسي جو پڻ مطالبو ڪيو.
هو ڇنڇر ڏينهن انٽرنيشنل فيڊريشن آف جرنلسٽس (آءِ ايف جي) ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) تحت ڪراچي يونين آف جرنلسٽس (ڪي يو جي) جي اهتمام هيٺ ”ورلڊ پريس فريڊم ڊي“ جي موقعي تي پريس ڪلب سامهون ٿيندڙ احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪري رهيا هئا.
احتجاجي مظاهري کي ڪي يو جي جي جنرل سيڪريٽري لبنيٰ جرار نقوي، سجاس جي صدر محمود رياض، اصغر عظيم، پيپ جي صدر محمد جميل، سوشل ميڊيا جي نمائندي ذوالفقار ٻٻر ۽ ٻين به خطاب ڪيو.
احتجاجي مظاهري ۾ ڪي يو جي جي نائب صدرن محمد ناصر شريف، راھب ڳاهو، جوائنٽ سيڪريٽري روبينه ياسمين، راشد قرار، سلطان چاڪي سومرو، معين الله شاهه، غلام مصطفيٰ عزيز، ايمانويل سيموئل، جلال قريشي ۽ وقاص باقر سميت صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
مقررن پيڪا سميت سڀني تڪراري قانونن جي واپسي جو مطالبو ڪندي صحافت جي آزادي جي راهه ۾ قرباني ڏيندڙ صحافين کي ڀيٽا پيش ڪئي.
You might also like