هڪ تازي تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته مردن ۾ هاءِ بلڊ پريشر، ذيابطيس ۽ ايڇ آءِ وي سبب فوت ٿيڻ جو امڪان عورتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو آهي، جنهن جو ڪارڻ اهو آهي ته مرد اهڙين بيمارين لاءِ علاج ڪرائڻ کي نظرانداز ڪن ٿا.
اها تحقيق “پي ايل او ايس ميڊيسن” نالي جرنل ۾ ڇپي آهي، جنهن موجب مردن ۽ عورتن ٻنهي ۾ هاءِ بلڊ پريشر يا ذيابطيس ٿيڻ جا امڪان برابر آهن پر ان جي نتيجن ۾ فرق آهي.
تحقيق مان ظاهر ٿيو ته مردن کي احتياطي اپائن اختيار ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي.
يونيورسٽي آف سدرن ڊينمارڪ جي پبلڪ هيلٿ شعبي سان لاڳاپيل ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ سينيئر محقق اينجلا چانگ موجب طبي سائنس کي اهو مڃڻو پوندو ته صحت جي سار سنڀال ۾ جنس (صنف) موجب فرق موجود آهي ۽ ان موجب رهنمائيءَ وارا اصول ۽ علاج واضح ڪرڻ جي ضرورت آهي.
تحقيق لاءِ سائنسدانن عالمي طبي ڊيٽابيس مان معلومات گڏ ڪري تجزيو ڪيو ته مردن ۽ عورتن وچ ۾ صحت جي هر مرحلي تي فرق کي سمجهي سگهجي.
نتيجن مان معلوم ٿيو ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ هاءِ بلڊ پريشر، ذيابطيس ۽ ايڇ آءِ وي جي علاج ۾ مردن ۽ عورتن کي الڳ الڳ طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون.
مطالعي ۾ هي به سامهون آيو ته ڪڏهن ڪڏهن ساڳي بيماريءَ جي صورت ۾ مردن ۽ عورتن لاءِ مختلف خطري وارا عنصر موجود ٿين ٿا.
مثال طور تحقيق مان ظاهر ٿيو ته 86 سيڪڙو ملڪن ۾ مردن ۾ سگريٽ ڇڪڻ جي عادت عورتن جي ڀيٽ ۾ گهڻي هئي، جيڪو هاءِ بلڊ پريشر جو اهم سبب آهي، جڏهن ته ٻئي طرف 65 سيڪڙو ملڪن ۾ عورتن ۾ ٿولهه جي شرح وڌيڪ ڏٺي وئي.
هڪ ٻي محقق سارا هاڪس جو چوڻ آهي ته اهڙي ڊيٽا مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته مردن ۽ عورتن جي صحت جو سفر ڪٿان مختلف ٿئي ٿو، ڀلي اهي خطري وارا عنصر هجن، صحت جي سهولتن تائين پهچ جو رويو هجي يا صحت جي نظام ۾ سندن تجربا هجن.
You might also like