دبئي: پاڪستاني ڪِڪ باڪسر عبدالله چانڊيو اردن جي رانديگر کي هارائي ڇڏيو

دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪِڪ باڪسر عبدالله چانڊيو دبئي ۾ ٿيندڙ ڪراٽي ڪامبيٽ 54 جي مقابلي ۾ اردن جي رانديگر علي القيسي کي شڪست ڏئي ڇڏي.
عبدالله چانڊيو پنهنجي ساٿي رانديگر شاهزيب رند سان گڏ دبئي ۾ ڪي سي 54 چيمپيئن شپ ۾ شرڪت ڪئي، هن پنهنجي مخالف کي ٽئين رائونڊ ۾ هارايو.
ڪراٽي ڪامبيٽ پنهنجي انسٽاگرام هينڊل تي هڪ پوسٽ ۾ لکيو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري سرگرمي جي اڄ پڇاڻي ٿي ۽ فائٽرز پنهنجي ڀرپور صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو.
ڪراٽي ڪامبيٽ هڪ برانڊ آهي، جيڪو سڄي دنيا ۾ 2018 کان ايونٽ ڪرائي رهيو آهي.
24 ورهين جي عبدالله چانڊيو جو واسطو ڪراچي سان آهي، جنهن 2022 ۾ دبئي ۾ ڀارتي رانديگر محمد شعيب کي ”بي ڪي ڪي ڪِڪ باڪسنگ چيمپيئن شپ“ ۾ هارائي ڊيبيو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.