ڀارتي رياست گوا جي مندر ۾ ڀاڄ پوڻ سبب 6 ڄڻا فوت، 55 زخمي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست گوا جي هڪ مندر ۾ ڀاڄ پوڻ سان 6 ڄڻا فوت، جڏهن ته 55 زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو جمعي جي رات شيرگائون ڳوٺ ۾ سالياني شري ليرائي زترا تهوار دوران پيش آيو.
پوليس موجب عقيدتمند هڪ مذهبي تقريب جو مشاهدو ڪري رهيا هئا ته رسمن جي ادائيگي دوران ماڻهو جذباتي ٿي ويا ۽ ڀاڄ پئجي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.