نوشهروفيروز (رپورٽ: عتيق الرحمان وسطڙو) نوشهري فيروز ڀرسان ڳوٺ ۾ مال جي ڀيل تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
قومي شاھراھه نانگو شاھه موري وٽ ڳوٺ الھه بخش مري ۾ مال جي ڀيل تان مري برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ محمد يوسف، گل محمد، ابوبڪر، محمد جان، سراج احمد، الطاف حسين زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو.
زخمين مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين نواب شاهه منتقل ڪيو ويو.
You might also like