ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙيءَ ويجهو ڪي بي فيڊر مان نينگر جو لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.
سمان ڳوٺ ڀرسان ڳوٺاڻن کي ڪي بي فيڊر مان نينگر جو لاش هٿ آيو، جيڪو ڳوٺاڻن ڪڍي پوليس کي اطلاع ڪيو.
پوليس نينگر جو لاش ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ڪوٽڙيءَ منتقل ڪيو.
پوليس موجب لاش جي سڃاڻپ ناهي ٿي، سڃاڻپ ٿيڻ بعد مڙھه وارثن حوالي ڪيو ويندو.
You might also like