ڀان ۾ وي آءِ پي کي پروٽوڪول ڏيندڙ پوليس موبائيل 2 نوجوان ماري ڇڏيا

ڀان سيدآباد ( ن ع آ) ڀان سيدآباد باءِ پاس تي پوليس موبائيل جي ٽڪر ۾ 2  نوجوان فوت ٿي ويا، انڊس هاءِ وي روڊ تي گرڊ اسٽيشن موڙ وٽ تيز رفتار پوليس موبائيل موٽرسائيڪل سوار سان ٽڪرائجي وئي، حادثي سبب موٽرسائيڪل سوار نوجوان علي بهار شاهاڻي ۽ علي نواز برهماڻي موقعي تي فوت ٿي ويا، ٻنهي نوجوانن جا لاش سرڪاري اسپتال ڀان سيدآباد منتقل ڪيا ويا، پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، اطلاع تي ڀان سيدآباد پوليس پهچي پوليس موبائيل کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ فوتي نوجوانن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا، موقعي تي موجود اکين ڏٺن شاهدن مطابق پوليس موبائيل لاڙڪاڻي طرف ڪنهن وي آءِ پي شخصيت جي اسڪواڊ ۾ وڃي رهي هئي ته حادثوپيش آيو، حادثي کانپوءِ پوليس موبائيل ڊرائيور فرارٿي ويو، جڏهن ته پوليس موبائيل کي ڀان پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، ٻئي پاسي فوت ٿيل ٻنهي ڄڻن جا وارث ڀان اسپتال پهچي دانهيندي روئيندي پوليس وارن کي پٽون ڏيندي چيو ته پروٽوڪول ۾ ويندڙ پوليس موبائيل تيز رفتار سبب انساني جانيون ضايع ڪن ٿا ۽ ڪيترائي گهر اجاڙي ڇڏيا آهن، افسوس انهن کي ڪير به چوڻ وارو ناهي نه وري ڪير نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي جيڪا اسان سان وڏي ناانصافي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.