ٻٻرلوءِ کانپوءِ وڪيل برادري جو ٻئي مسئلي لاءِ ڌرڻو، ڪراچي بند ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ ڊفينس پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او خلاف وڪيل برادري جو احتجاج شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن سبب مين ڪورنگي روڊ، ڊفينس موڙ ۽ بلي وارڊ سگنل سميت اهم روڊن تي اچ وڃ مڪمل طور تي معطل ٿي وئي آهي.

وڏي انگ ۾ وڪيلن ڊفينس پوليس اسٽيشن اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو ۽ روڊن کي بند ڪندي ٽريفڪ کي اچ وڃ لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي.

مظاهرين جو چوڻ آهي ته هو ايس ايڇ او ڊفينس خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ عدالت کان باقاعده حڪم نامو وٺي آيا آهيون، پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته وڪيلن احتجاج دوران ٿاڻي ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ سان گڏ پوليس اهلڪارن سان بداخلاقي ڪئي، جنهن سبب صورتحال وڌيڪ سخت ٿي وئي آهي.

پوليس عملدارن موجب وڪيلن جي پيش ڪيل ڪورٽ آرڊر جي تصديق لاءِ باقاعده عدالتي حڪم نامو اڃا تائين نه مليو آهي، جنهن کان سواءِ ڪيس داخل ڪرڻ ممڪن ناهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته هي تڪرار ڪجهه ڏينهن اڳ تڏهن شروع ٿيو هو جڏهن هڪ قانوني ڪاليج جي شاگردن ۽ وڪيلن جو ڊفينس پوليس سان جهيڙو ٿيو.ان واقعي کان پوءِ وڪيل برادري ۽ پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، جيڪا اڄ جي ڪارروائي کانپوءِ وڌيڪ سنگين رخ اختيار ڪري وئي آهي.

مظاهرين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن پوليس فوري طور عدالتي حڪم جي روشنيءَ ۾ ڪيس داخل نه ڪيو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ شهر جي ٻين علائقن ۾ به قانوني برادري روڊن تي نڪري ايندي.

هنن جو چوڻ آهي ته پوليس کي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي جو ڪو به اختيار ناهي.

ٻئي پاسي اهم مک روڊ بند هجڻ ڪري عام ماڻهن کي سخت تڪليفن سان منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

اسڪول ۽ آفيس وڃڻ وارا ماڻهو ۽ شاگرد توڙي شاگردياڻيون، مريض ۽ عورتون ٽريفڪ ۾ ڦاسڻ سبب پريشان ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.