ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جو مشن سنڌو درياهه کي بچائڻ هو ۽ اسان گڏجي سنڌو کي بچائي ورتو آهي.
ميرپور خاص ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ عوام سان گڏجي جمهوريت کي بحال ڪيو ۽ ٻن آمرن کي ڪيرايو، قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو آئين ٺاهي مزدورن کي سندن حق ڏنا، اڄ جڏهن اسان مزدورن جو ڏينهن ملهايون پيا ته قائد عوام کي به سلام پيش ڪريون ٿا، اسان مزدورن، شاگردن، نوجوانن، عورتن، اقليتن سميت هر ڪنهن جي حقن جو تحفظ ڪنداسين.
هن چيو ته ته عبوري حڪومت جي دور ۾ ٻه فيصلا ڪيا ويا هئا،ايڪنڪ نوان ڪينال ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته ارسا جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ته ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ پاڻي موجود آهي، ڪينال ٺاهي سگهن ٿا پر چونڊن کان پوءِ پ پ هر فورم تي اوهان جو ڪيس وڙهيو ته سنڌو کي بچائڻو آهي ۽ وفاقي منصوبو روڪڻو آهي.
سندس چوڻ هو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ جتي اهو فيصلو ٿيڻو هو، اتي رڳو پ پ جا ٻه نمائندا هئا پر صدر آصف زرداري فيصلو ڪيو ته ڪينال نه ٺهندا، سياسي يتيم صدر زرداري خلاف آواز اٿارڻ لڳا، ڇو ته انهن ۾ اها همت نه هئي ته ڪينال ٺاهڻ وارن خلاف ڳالهائين.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صدر آصف زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ واضح ڪيو ته ڪينال منصوبي سبب وفاق کي خطرو آهي ۽ مان ان جي مخالفت ڪيان ٿو، جنهن کانپوءِ جيالن به پنهنجو احتجاج تيز ڪيو.
هن چيو ته سنڌ بچائڻ واري تحريڪ ۾ ساٿ ڏيڻ تي سول سوسائٽي ۽ وڪيلن جا ٿورائتا آهيون، اسان جو مشن هو ته سنڌو کي بچائجي ۽ اسان گڏجي سنڌو کي بچائي ورتو آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته گجرات جي ڪاسائي مودي سنڌو تي حملو ڪيو آهي، اسان جنگ نٿا چاهيون پر جيڪو سنڌو تي حملو ڪندو ان سان وڙهنداسين، جيڪڏهن پاڻي بند ٿيو ته پوءِ انهن جو رت وهندو.
جنگ نٿا چاهيون پر جيڪو سنڌوءَ تي حملو ڪندو ان سان وڙهنداسين: بلاول ڀٽو زرداري
You might also like