سنڌ اسيمبلي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان جمهوري ڪوريا جي سفير جي ملاقات

ڪراچي (پ ر) جهموري ڪوريا (Democratic People’s Republic of Korea – DPRK) جي پاڪستان لاءِ سفير چوئي چانگ مان (Ambassador Extraordinary and Plenipotentiary) سنڌ اسيمبلي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي.
وفد ۾ ڪورين سفارتخاني اسلام آباد جو پهريون سيڪريٽري ۽ پاڪستان-ڪوريا فرينڊشپ اينڊ ساليڊيريٽي ڪاميٽي جو صدر جاويد انصاري به شامل هو، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي اسپيڪر سان گڏ ايم پي اي مخدوم فخر الزمان، سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي جي ايم عمر فاروق، ڊائريڪٽر جنرل ميڊيا عرفان احمد ميمڻ ۽ هما اڪرام الله به موجود ھئي.
ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن ۽ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، جمهوري ڪوريا جي سفير پاڪستان ۽ اتر ڪوريا وچ ۾ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪردار کي ڀيٽا پيش ڪئي، جن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.
سيد اويس قادر شاهه جهموري ڪوريا طرفان پاڪستان لاءِ ماضي ۾ ڪيل حمايت کي ساراهيندي چيو ته سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي آئيني، جمهوري ۽ سياسي جدوجهد ۾ هميشه اڳڀري رهي آهي ۽ سنڌ اسيمبلي ئي آهي جنهن سڀ کان پهريان پاڪستان جي قيام جي حمايت ۾ قرارداد منظور ڪئي هئي.
سنڌ اسيمبلي اسپيڪر ڪراچي ۽ نامپو (سسٽر سٽيز) ۽ سنڌ ۽ پيانگ يانگ (سسٽر صوبن) وچ ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ دوستاڻي گروپن جي قيام جي تجويز پيش ڪئي، جنهن جو مقصد ثقافتي، تعليمي ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي، جڏهن ته اسيمبلي ميمبرن ۽ سيڪريٽريٽ اسٽاف لاءِ تربيتي موقعن جي به تجويز ڏني.
جمهوري ڪوريا جي سفير انهن تجويزن کي ساراهيندي سپريم پيپلز اسيمبلي ذريعي هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو ۽ اڳوڻي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نثار احمد کهڙو ۽ اڳوڻي وزيراعليٰ سنڌ سيد عبدالله شاهه جي (ڊي پي آر ڪي) جي دورن کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جوڳو عمل قرار ڏنو.
ملاقات دوران جاويد انصاري سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي سياسي خدمتن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران مليل اعتماد بابت به روشني وڌي.
آخر ۾ سنڌ اسيمبلي اسپيڪر جهموري ڪوريا جي سفير ۽ وفد کي روايتي سنڌي اجرڪ، ٽوپي ۽ صوبائي اسيمبلي جي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي.
جمهوري ڪوريا جي سفير چوئي چانگ مان سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر پاران ڪيل ميزباني تي ٿورا مڃيا ۽ مستقبل ۾ ڪراچي جي وڌيڪ دورن جي خواهش جو اظهار ڪيو ته جيئن ٻنهي ملڪن ۾ دوستي ۽ سهڪار جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.