لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊيشن جي 20هين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز، شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ملتان سلطانز کي 87 رنزن تان شڪست ڏئي پلي آف جي ڊوڙ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو.
قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيل ميچ دوران ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
ڪراچي ڪنگز مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 204 رنز ٺاهيون، جيمز ونس 65، عرفان خان 40، خوشدل شاهه 33، ڪپتان ڊيوڊ وارنر 30 ۽ ٽم سائفرٽ 22 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
ملتان سلطانز جي عبيد شاهه ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ڪيمفر ۽ ويلي هڪ، هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.
ڪراچي ڪنگز جي 205 رنسن جي جواب ۾ ملتان سلطانز جي پوري ٽيم رڳو 117 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ياسر خان 26 ۽ ڪامران غلام 29 رنسن ٺاهي اڳڀرا رهيا.
ڪراچي ڪنگز جي طرفان محمد نبي 3 شڪار ڪيا، جڏهن ته مير حمزه ۽ خوشدل شاهه ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.
جيمز ونس کي زبردست بيٽنگ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
پي ايس ايل: ڪراچي ڪنگز، ملتان سلطانز کي 87 رنسن تان هارائي پلي آف ڊوڙ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو
You might also like