اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس جمال مندوخيل چيو آهي ته اسان آئين ۾ داخل سڄي قوم جي حقن جي تحفظ جو حلف کنيو آهي، انصاف ڪرڻ الله جو ڪم آهي، اسان ته رڳو فيصلو ڪندا آهيون.
اسلام آباد ۾ ليبر ڊي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس جمال مندوخيل چيو توهان ٻڌو هوندو ته ججن جو ڪم ڳالهائڻ نه پر لکڻ هوندو آهي، سوچيو هو ته لکيل تقرير پڙهندس پر هاڻ دل ۽ آئين جي ڳالهه ڪندس.
هن چيو ته آئين موجب سڀني انسانن جا حق برابر آهن، آئين موجب ڪنهن کان توهان زبردستي ڪم نٿا وٺي سگهو، اسان قوم جي حقن جي تحفظ لاءِ حلف کنيو آهي.
جسٽس مندوخيل چيو سوال اهو آهي ته ڇا اسان پنهنجي ڪم سان انصاف ڪري رهيا آهيون؟ ڇا مان جج طور پنهنجو ڪم صحيح نموني ڪري رهيو آهيان؟ توهان کي مزدور ۽ مون کي جج جو نالو ڏنو ويو آهي، اهو منهنجو ڪو ڪمال ناهي ته مان هن عهدي تي ويٺو آهيان.
سندس چوڻ هو ته جنهن صوبي سان مان تعلق رکان ٿو، اُتي کوهن جي کوٽائي جو ڪم ٿيندو آهي، جيڪو مزدور ڪندا آهن، مزدور کاڻ جي اندر وڃن ٿا، انهن مزدورن جي حوالي سان قانون حڪومت کي ٺاهڻ گهرجن، آئين ۾ داخل حق سڀني کي ملڻ گهرجن، ڪو به مزدور ڪنهن جو غلام ناهي هوندو.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته آئين ۾ داخل سڄي قوم جي حقن جي تحفظ جو اسان حلف کنيو آهي، اسان جيڪو به فيصلو ڪنداسين اهو ڪنهن جي دٻاءَ، ڊپ يا لالچ کانسواءِ هوندو، مان پنهنجي ۽ پنهنجي ساٿي ججن جي طرفان خاطري ٿو ڪرايان ته اسان انصاف ۽ حقن جو تحفظ ڪنداسين، اچو ته جيڪو به مسئلو آهي ان تي گڏجي ويهي ڳالهه ڪريون.
هن چيو مان سمجهان ٿو ته ججن جو ڪم انصاف ڪرڻ ناهي، انصاف ته الله جو ڪم آهي، اسسن ته رڳو دستاويزن کي ڏسي فيصلو ڪندا آهيون، مون کي ڊپ آهي ته ڪٿي مان پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ته نه پيو ڪريان؟
جسٽس مندوخيل چيو ڪا ڌر چوندي ته منهنجو حق آهي پر مان ته اهو ئي فيصلو ڪندس جيڪو منهنجي آڏو دستاويز ۾ هوندو، الله مون کي ۽ منهنجي ساٿين کي حلف جي پابندي ڪرڻ جي توفيق ڏئي.
You might also like